سندس وصيت موجب غسل جي سعات فقير عبدو ڪيريو ادا ڪئي مخدوم نوح هالائي رح [ 1505ع – 1589ع ] سنڌيسر زمين سنڌ جو عظيم فرزند، ”نو لکي گودڙيءَ وارو بزرگ“، سنت و اثقا جو ڪامل نمونو، عارف ۽ ديني تعليم و تربيت جوگهارو، غوث الحق مخدوم لطف الله المعروف مخدوم نوح ولد مخدوم نعمت الله صديقي قريشي، جمع جي رات 27 رمضان المبارڪ 911هه مطابق 12 آگسٽ 1505ع تي، بيبي سڪينه جي بطن مان، هالا ڪنڊي (هالا) ۾ ڄائو هو. سندس نسبي سلسلو ايڪويهين پشت ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه (572ع – 634ع) جن سان وڃي ملي ٿو. سندس ولادت بابت حسو فقير چاڪي، مجذوب ٽوڙي ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار رح جهڙن بزرگن، مجذوبن ۽ عالمن سڳورن جون پيشنگويون ٿيل هيون، ته ”جلد اهڙو نينگر پيدا ٿيندو؛ جنهن کي هر دم حضور حاصل هوندو“– سچ پچ ٿيو به ائين.مخدوم نوح رحه جو جد- امجد شيخ فخرالدين ڪبير عرب مان هجرت ڪري ديري غازي خان جي ڳوٺ ”ڪوٽ ڪروڙ“ ۾ اچي رهيو. هي ڳوٺ خداوارن جو اڳ ئي رهائشگاه هو، ويتر شيخ فخرالدين رح جي اچڻ سان ولايت جو مبنع بڻجي ويو. ڳچ سالن بعد شيخ صاحب سياحت جي خيال سان گهمندو ڦرندو اچي بوبڪن ۾ نڪتو. بوبڪ انهن ڏينهن ۾ بزرگن ۽ عالمن جو مسڪن هو؛ جنهن ڪري شيخ فخرالدين به هتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪندي، باقي زندگي دين جي تبليغ ۾ گذاري. ڪافي ڪرامتون کانئس سرزد ٿيون. هوڏانهن سندس اولاد مان مخدوم فخرالدين صغير، ڪوٽ ڪروڙ ڇڏي اچي هاله ڪڊيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. وڏو عارف، عابد ۽ زاهد شخص هو؛ جنهن ڪري ڪيترائي لاکا، ميمڻ، سومرا ۽ ٻيا مقامي باشندا سندس پوئلڳ بڻيا. سندس پونيرن لاکن ۽ سومن مان شاديون ڪيون هيون.مخدوم صاحب جو ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين وقت نهات پرهيزگاري سان گذريو آهي. سندس ابتدائي اُستاد مخدوم شاهد ڏنو عرف عربي ڌيانه رحه هو؛ جنهن وٽان 25 سيپارا، وهب ۽ عطا، عام لدني ۽ فقہ جا چنڊ ڪتاب پڻ پرهيو هو. ايترو ته ذهين هو؛ جو سندس استاد ۽ هم سبق شاگرد به سندس علمي بصيرت تي دا ڏيندا هئا. هڪ دفعي پاڻ کين ٻڌايو هئائين، ته ”مون کي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن وٽان چار شيون عطا ٿيون آهن: ذڪر جو سبق، قرآن جو تفسير، حديث جو فهم ۽ خواب جو تعبير“. سندس سلسله- طريقت ”سهروردي اويسي” هو. شروعات ۾ شاديءَ جو خيال ترڪ ڪيو هئائين، پر پوءِ سنت نبويءَ جي پيرويءَ کي افضل ڄاڻي، چاليهن ورهين جي عمر ۾، سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جي همشيره بيبي زليخان سان پهرين شادي ڪيائين؛ جنهن مان: محمد امين، حامد ۽ نور محمد، احمد ۽ چئن نياڻي جو اضافو ٿيو. بيبي زليخان (956هه - 1549ع) ۾ وفات ڪئي؛ جنهن ڪري ٻي شادي چوهاڻ قوم مان ٿيس؛ جنهن مان: ابراهيم، ميران محمد ۽ جلال محمد ڄاوا. ٽين شاديءَ مان: موسيٰ، آدم، هارون، دائود ۽ يوسف پيدا ٿيا؛ پڇاڙيءَ واري (چوٿين) شاديءَ مان کين ڪوبه اولاد نه ٿيو. پاڻ 85 ورهين جي عمر ۾ جمع جي رات 27 ذوالقعد 998هه مطابق 21 نومبر 1589ع تي هالا ۾ وفات ٿي. سندس وصيت موجب غسل جي سعات فقير عبدو ڪيريو کي نصيب ٿي. غسل بعد 71 دفعا جنازه نماز پڙهي ويئي. آخر جمع جي نماز بعد کيس ڳوٺ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ آرامي ڪيو ويو. ٻارهن سالن بعد وڏيءَ ليٽ ۾ سندس جسم خاڪيءَ کي ڪڍي، نئين ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. جتي سندس عاليشان مقبرو، سندس پوٽاڻ مان پنجين سجاده نشين مخدوم محمد زمان (1205هه - 1790ع) ۾ تعمير ڪرايو هو. سندس ڏاکڻي طرف مخدوم مير محمد جي تربت آهي، جيڪا مير فتح علي خان ٽالپر (1210هه - 1795ع) ۾ تعمير ڪرائي هئي. اتر طرف مير ڪرم علي خان (1222هه - 1807ع) ۾ جامع مسجد جوڙائي آهي. هر سال ذوالحج جي پهرين سومر تي مٿس ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي، جتي ذڪر و فڪر، مولودن ۽ مداحن جي محفل سان گڏ ”ڏهر“ جي پالوٽ ۽ سماع جي محفل منعقد ٿيندي آهي.مخدوم صاحب ”نو لکي گودڙيءَ“ جو مالڪ هو. سندس خيال سنت نبويءَ موجب هئا. طريقت جاذب، سادي ۽ فقيراڻي اُٿڻي ويهڻي هيس. ٺٺ ٺانگر ۽ طمطراق کان بيزار هو. سندس حلقي ۾ امير خواه غريب، دولت مند ۽ حاڪم پڻ هوندا هئا. نذر نياز غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. پوشاڪ سادي ۽ اڪثر سائي يا نير ۾ ٻڏل ڪپڙا پهريندو هو. فقر و فاقو سندس دل جي مرضيءَ موجب هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس گهر ۾ کاڌي لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو، تاهم به شڪر سندس زبان تي هر وقت رهيو. سيد ابوبڪر شاه لڪياروي، سيد علي شيرازي، فقير رشيدالدين، شاه محمد حسين ۽ ميان بهاؤالدين گودڙيو سندس خاص خليفن ۾ شمار ٿين ٿا. پاڻ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن مان فارسي زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو مثالي حيثيت رکي ٿو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي علمي مهارت ۽ ادراڪ هوس. شاعري به سٺي ڪئي اٿس.(1) – فقير نوح هوتزاني رح (1414ع – 1504ع) جي اشاري سان مٿس ”نوح نالو پيو هو.(2) – ”هالا ڪنڊي“، حيدرآباد سنڌ جو قديم شهر آهي، جيڪو موجوده ”هالا“ نالي سان سڏجي ٿو. کيس مخدوم محمد ٻڌايو هو؛ ۽ شروعات ۾ سندس نالو ”مرتضي آباد“ رکيو ويو. درياه جي پائيندڙ سببان ڪوه کن جي وڇوٽيءَ تي نئون شهر آباد ڪيو ويو [قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو – مرزا قليچ بيگ، 1925ع، صفحو 55]. غالباً 1592ع ڌاري درياهي چاڙهه سبب ”اسلام آباد“ نالي ڀرسان هڪ ٻيو شهر به آبا ڪيو ويو، جيڪو هينئر ”نوان هالا“ نالي سان سڏجي ٿو [روزانه ”عبرت“ (حيدرآباد)، مورخه 2–8–1959ع، صفحو3 ].(1) – مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شيخ شهاب الدين سهروردي (1147ع – 1234ع) بن مخدوم سرور بن مخدوم فخرالدين صغير بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ڪبير بن شيخ ابوبڪر ڪتاني بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصرالدين بن شيخ سراج الدين بن سيخ خيرالدين بن ابي عاصم بن شيخ محمد بن شيخ وحيد الدين بن شيخ مسعود بن ابدي قاسم بن محمد بن عبدالرحمان بن حضرت ابوبڪر صديق رضه [ماهوار ”الرحيم“ (سيپٽمبر – آڪٽوبر 1976)؛ صفحو 15]. (4) – روايتن پٽاندڙ شيخ فخرالدين ڪبير، سيوهڻ شريف ۾ وفات ڪئي هئي. سندس مقبرو قلندر لعل شهباز رحه سان لڳ چيو وڃي ٿو.(5) – مخدوم شاهڏنو عرف عربي ڌيانه رح، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صاحب - دل هو. هڪ جاءِ تي ويهي هڪ سؤ چاليهه قرآن پاڪ جا ختما ڪڍيا هائائين. جڏهن قرآن پاڪ پڙهندو هو ته اڏامندڙ پکي ته قطارون ڪري بيهي ويندا هئا، بلڪ وهندڙ پاڻي به خاموشي وٺندو هو. وڏو ڪرامتي مڙس هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ع – 1752ع) جو نسبت ۾ نانو هو. سندس فرزند مخدوم بايزيد (وفات 980هه = 1572ع) پڻ سندس جيان صاحب- ڪشف ۽ ڪرامت هو ۽ پوٽو مخدوم محمد عالم، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جو معتقد هو. مخدوم عربي ڌيانه مڪليءَ تي دفن ٿيل آهي. پير آسات سندس سڳو ڀاءُ هو، جيڪو ”مقام شاه ڌياڻي“ ۾ مدفون آهي.(2) – اُنهن مان بيبي مريم نالي هڪ نياڻي، مٽياروي سادات سيد عبدالله شاه ولد سيد محمد يعقوب شاه جي نڪاح ۾ ڏنائين؛ ۽ باقي ٽي، پنهنجن عزيزن ۾ آجيون ڪيائين [ماهوار ”الرحيم“ (سيپٽمبر – آڪٽوبر 1976ع)، صفحو 28].(1) – مخدوم ابراهيم، جيڪو ”سلطان ادهم“ جي نالي سان مشهور هو. فقيري طبيعت ۾ وڏو غوث ٿي گذريو آهي. سندس آخري آرام گاه خيرپور ميرس ۾ ٽڪرين تي واقع آهي.(2) – ”ڏهر“ عام طرح سان ” ڏاڍيءَ مٽيءَ وارا سڌا ميدان“ سڏبا آهن، جيڪي ٿر علائقي ۾ واريءَ جي ٻن ڀٽن (دڙن) جي وچ تي پيل ماٿري يا سخت مٽيءَ واري پٽ کي چئبو آهي. هت ”ڏهر“ مان مراد ”مرشد جي مداح“ آهي. خود سر تاج العشراءُ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح به انهيءَ مراد سان ”سر ڏهر“ ڳايو آهي.(1) – ”سماع“، صوفين جو مخصوص رقص (ناچ) آهي؛ جنهن کي ذڪر ۽ شعل جو طريقو ڄاڻندا آهن. خاص ڪري نقشبندي طريقي وارا ”سماع“ کي زياده ترجيح ڏيندا آهن. البته سهروردي سلسله وارن وٽ به ”سماع“ کي خاصي اهميت حاصل رهي آهي. صوفين جي لغت موجب ”سماع“ انسان جي من جي ميراڻ ميٽي، ڌوٻيءَ جي ڪپڙي جيان اڇو ۽ اُجرو ڪري ٿيو- ”سماع“ ۾ بيت (ڏوهيڙا) پڙهيا ويندا آهن، جيڪي ”اوٺاڻي“ ۽ ”لاهڻي“ چئبا آهن، جن جو لازمي وراڻو ”لاالله الاالله“ هوندو آهي [سنڌي انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي (قلمي 1980ع) صفحو 433].(2) – انهن ڏينهن ۾ ”سروري سلسله“ سان 9 لک ماڻهو وابسته هئا؛ جنهن ڪري مخدوم صاحب ”نو لکي گودڙيءَ“ وارو ڌڻي سڏبو هو.(1) – برصغير ۾ قرآن پاڪ جو هي پهريون فارسي ترجمو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي نگراني ۾ شايع ٿي رهيو آهي.(2) – هي ڳوٺ 1887ع ۾ درياه جي پائيندڙ ۾ نابود ٿي ويو.
No comments:
Post a Comment