شروعاتي پنن تي حضرت پير سائين پاڳارا سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جن جو هڪ خط مبارڪ نقل ڪيو ويو آهي. جيڪو حضرت روضي ڌڻيؒ جن ميان تاج محمد نالي ڪنهن بزرگ ڏانهن ڪنهن بياض جي حصول لاءِ لکيو آهي. هِن نسخي ۾ ميان تاج محمد نالي بزرگ جي ڪٿي به وضاحت ٿيل نه آهي ته هيءُ ڪهڙو بزرگ آهي. البت قوي گمان آهي ته هيءُ اُهو بزرگ آهي، جنهن جي ديني درسگاهه سيواري ۾ هوندي هئي ۽ پاڻ، حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيؒ جن جا خاص خليفا به هئا(2). بزرگ ميان تاج محمد ڪيريو جي پونيئرن جي بقول ته اهو خط مبارڪ اصلي صورت ۾ وٽن موجود آهي، پر راقم کي ان جي زيارت في الوقت نصيب نه ٿي سگهي آهي. ميان تاج محمد ڪيريو، ميين محمد مُبين ڪيريي چوٽياري واري جو همعصر ۽ عزيز هو. چوٽياري ڪنهن زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هئي. 1851ع ۾ مشهور ۽ معروف انگريز اديب ۽ ليکڪ ”رچرڊ برٽن“ سنڌ ۾ آيو هو، ان ٽالپر دور جي هيٺين ڇهن مدرسن کي ڪاليجي سطح جي درسگاهن ۾ شمار ڪيو آهي. يعني- سيوهڻ، کُهڙا، مٽياري، ٽپٽ، ولهار ۽ چوٽياري (3). ميون محمد مبين ڪيريو (ٿرائي) چوٽياريون وارو، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ چوٽياري درسگاهه (ضلع سانگهڙ) جو باني هو. ڀٽائي صاحب اڪثر سانوڻ جي موسم ۾ وٽس ايندو رهندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا ته گهڻو ويهي ويا ۽ دير ٿي ويئي. جڏهن شاهه صاحب موڪلايو ته ميين محمد مبين چيو ته ”جهُڙ ڦڙ آهي، ترسي پئو.“ تنهن تي شاهه صاحب بيت ۾ جواب ڏنو: ”رداءِ جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين.“ پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. هيءَ ملاقات غالباً 1160- 1155هجري ڌاري ٿي. مخدوم ميون عبدالرحيم گرهوڙي ان وقت درسگاهه چوٽياريون ۾ طالبِ علم هو. چون ٿا ته گرهوڙي صاحب قبول صورت ۽ جسم ۾ ڏٻرو هوندو هو. ٻيا طالبِ علم کيس پاڻ سان گڏ کاڌو کائڻ نه ڏيندا هئا. ميون محمد مبين صاحب کيس سڏي پاڻ سان گڏ ماني کارائيندو هو. انڪري گرهوڙي صاحب، ميين صاحب کي ابو ڪري سڏيندو هو. شايد ڀٽائي ۽ ميين صاحب جي ماني کائڻ وقت گرهوڙي صاحب خدمت ۾ موجود هو، جو جنهن پيالي ۾ شاهه صاحب پاڻي پيتو سو گرهوڙي صاحب سنڀالي رکيو. (ٻي روايت موجب اهو پيالو شاهه صاحب پاڻ کيس ان موقعي تي يا ڪنهن ٻي موقعي تي ڏنو هو). جيڪو هِن پوئين ويجهي دور تائين گرهوڙ شريف ۾ سيدن وٽ حفاظت سان رکيل هو(4). سرينواري به ڪنهن زماني ۾ چوٽياري وانگر علم جو وڏو مرڪز هُئي. هِن درسگاهه جي زيارت لاءِ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيؒ جن آيا هئا. واگِهين (تعلقي سانگهڙ) واري ڀٽ تي شاهه صاحب جو تڪيو موجود آهي، واگِهين واري ڀٽ سرينواري کان ٻه ٽي ميل اولهه طرف، اولياء بهرم بري سان لڳو لڳ آهي. منجيري جعفر خان لغاري پنيري وارو روايت ڪندي ٻڌائي ٿو ته ”شاهه صاحب گيڙو ويس ۾، ڪنٺ مالا پاتل، هن درسگاهه ۾ داخل ٿي، اندر ويهي رهيو ته طالبِ علمن کيس ڪو غير مسلم (جوڳي يا سامي) سمجهي هِتان نڪري وڃڻ لاءِ زور ڀريو، پر پاڻ ٻاهر نه ويا ۽ مسڪرائيندا ويٺا رهيا. تان جو طالبِ علمن اهڙو اطلاع درسگاهه جي مهتمم ميان تاج محمد ڪيريي کي ڏنو، جيڪي جلدي درسگاهه اندر پهتا ۽ اهڙي ويس واري مسافر کي ڏسي يڪدم سڃاتائون ۽ هي بيت ڏنائون: ڪُوڙو تُون ڪُفر سين، ڪافَر مَ ڪوٺاءِ، هِندو هَڏَ نه آهيين، جَڻِيو تو نه جُڳاءِ، تِلڪ تِنين کي لاءِ، سَچا جي شِرڪ سين. ته ڀٽائي صاحب به مسڪرائي وراڻيءَ ۾ هيءُ بيت ڏنو: ڪافَر ٿي ته اُبهين، بابَ شَرع جا ڇَڏ، مَنَ مُشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿين وِصالَ کي. پوءِ ٻيئي ڄڻا ڀاڪر پائي مليا ۽ حال احوال اوريائون.“ جيئن ته درسگاهه سرينواري، گرهوڙ شريف ۽ چوٽياري جي وچ تي آهي، انڪري ايندي ويندي ميون عبدالرحيم گرهوڙي صاحب هن درسگاهه ۾ ڪافي دفعا آيو ويو چئي سگهي ٿو. هِن درسگاهه ۽ مسجد شريف جو ڀڙو ۽ قبرستان سرينواري ۾، پُراڻي ڍوري (ڪاري ناري) جي ڀر ۾، ٻيلي ۾ موجود آهن. قبرستان ”تاجا طُريل“ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. هِتي مائي ڄامان جي جوڙايل مسجد شريف به هوندي هئي، جيڪا هِن وقت شهيد ٿي چُڪي آهي. حضرت پير سائين روضي ڌڻي رح ، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي شهادت وقت 21 سالن جا هئا ۽ هيءُ خط گرهوڙي صاحب جي شهادت کان ست سال پوءِ سن 1199هجري ۾ لکيو ويو آهي. غالب گمان آهي ته ميان تاج محمد ڪيريو وٽ ميان عبدالرحيم گرهوڙي جن جو ڪو بياض ( يا ڪو ٻيو اهم ڪتاب به ٿي سگهي ٿو. موجود هو، جنهن جي حصول لاءِ، حضرت پير سائين روضي ڌڻيؒ جن اِهو خط ارسال ڪيو هجي ۽ اُن اصلي بياض تان بعد ۾ حاجي محمد بخش ڪُٻر به هيءُ قلمي نسخو تحرير ڪيو هجي. ميان تاج محمد جي پونيرن وٽ قرآن پاڪ، احاديث مبارڪ، فقه ۽ ٻين ديني ڪتابن جا سوين ناياب قلمي نسخا موجود هوندا هئا، هيٺ حضرت پير سائين روضي ڌڻيؒ جي نقل ڪيل خط جو عڪس ڏجي ٿو: (خط جو ترجمو) ”وصيت هي ته ڪوبه ساهه، پيدا ڪندڙ جي نالي کانسواءِ نه کڻجي. پوءِ هِن سال هِي حقيقت ثابت ٿي حقيقتاً. ڪا گهڙي خدا جي ياد ۾ هجڻ، سُليمان عليہ السلام جي بادشاهيءَ کان بهتر آهي. (نوٽ ۾ هيٺيان اکر لکيل آهن). مگر هي ته جيڪڏهن بياض (ڪتاب) فارغ آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ اُڌارو ڏيندا ته ان مان ڪجهه شيون نقل ڪري واپس موڪلينداسون. انشاء الله تعاليٰ“ (مُهر سنه 1199 هجري. حضرت پير سائين روضہ ڌڻي رحمة الله عليہ و برڪاتہ.) مٿي ڏيکاريل خط کان پوءِ مضمونن ۽ ڪلام جي فهرست اچي ٿي جيڪا پاڻيءَ سان ايتري ته پسيل آهي جو اُها صحيح پڙهڻ ۾ نٿي اچي. متن شروع ٿيڻ کان اڳ ڪي مُستجاب دعائون ۽ وظيفا درج آهن جيڪي ڪاتب پنهنجي پڙهڻ ۽ استفادي لاءِ شايد لکيا آهن. متن جي شروعات الله تبارڪ و تعاليٰ جي اسم مبارڪن سان ٿئي ٿي. هر اسم مبارڪ جي هيٺان اُن جي صفاتي معنيٰ سنڌيءَ ۾ درج ڪيل آهي. شروعات هِن طرح آهي: اسماء الحسن تسعين تسعان. بسم الله الرحمٰن الرحيم. الله ﷻ الرحمٰن ﷻ الرحيم ﷻ اُن بعد حضرت ﷴ مصطفيٰ ﷺ جن جا اسماء مبارڪ درج آهن ۽ ان کان اڳتي هلي، حضرت مِٺي ﷴ الڪريم، سيد المُرسلين، شفيع المُذنبين، رحمت اللعالمين، راحت العاشقين، مذداد المشتاقين، شمس العارفين، سراج السالڪين ﷺ جن جي حُليه مبارڪ جن جو بيان، صحيح ڪتابن مان ڏسي لکيل آهي. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/mehran/Book131/Book_page17.html